سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1900 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 16 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1629 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 85 هزار 271 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 18 ڊالر گهٽجڻ سان 2027 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.