بنگلاديش ۾ چونڊون، شيخ حسينه واجد جي جماعت ميدان ماري ورتو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عام چونڊن ۾ هڪ ڀيرو وري شيخ حسينه واجد جي جماعت وڏي پيماني تي ڪاميابي حاصل ڪري حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب بنگلاديش جي عام چونڊن ۾ اپوزيشن جماعتن بائيڪاٽ ڪيو جنهن کان پوءِ شيخ حسينه واجد جي جماعت عوامي ليگ وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي.
عوامي ليگ جي چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ شيخ حسينه واجد جي پنجون ڀيرو بنگلاديش جي وزيراعظم بڻجڻ جو امڪان وڌي ويو آهي.
ميڊيا جي رپورٽن موجب شيخ حسينه واجد جي جماعت عوامي ليگ اليڪشن ۾ 222 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته چونڊن ۾ ڪنهن ٻي سياسي جماعت بدران آزاد اميدوارن وڏي پيماني تي ڪاميابي ماڻيندي 63 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
بنگلاديشي اليڪشن ڪميشن موجب هن وقت ملڪ جي موجودا اپوزيشن جمات جتيا پارٽي 300 جي ايوان مان رڳو 11 سيٽون ئي حاصل ڪيون آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب آزاد اميدوار طور ڪامياب ٿيل ڪيترائي اميدوار اهڙا آهن جن کي عوامي ليگ ٽڪيٽ لاءِ نه چونڊيو هو پر کين ڊمي اميدوار طور اليڪشن ۾ بيهڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
واضح رهي ته 76 سالن جي شيخ حسينه واجد 2009ع کان بنگلاديش جي وزيراعظم جڏهن ته هن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪندڙ جماعتن کي دهشتگرد جماعتون قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.