اداڪارائن کي سندن مڱيندا مون سان ڪم ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيندا هئا: آغا علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار آغا علي چيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو جو اداڪارائن جا مڱيندا کين مون سان گڏ ڪم ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيندا هئا.
اداڪار آغا علي تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت جتي ميزبان هن کان زندگي ۽ ڪيريئر بابت سوال ڪيا.
هڪ سوال جي جواب ۾ آغا علي ٻڌايو ته 2016ع 2017ع جي ڳالهه ان دوران آئون جيڪو به ڊرامون سائين ڪندو هيس ان کان پوءِ مون کي پروڊيوسر جو فون اچي ويندو هو ته اوهان جو فلاڻي هيروئن سان ڪو جهيڙو آهي ڇا؟ ان تي آئون کين ٻڌائيندو هيس ته آئون ان هيروئن سان اڃا تائين مليو به نه آهيان، جنهن تي پروڊيوسر پاران پڇيو ويندو هو ته ڀلا اداڪارا جي مڱيندي سان ته ڪو جهيڙو نه اٿئي؟ آئون تڏهن به کين اهو ئي ٻڌائيندو هيس ته مون کي اها به خبر نه آهي سندس مڱيندو ڪير آهي؟.
اداڪار موجب هڪ ڀيرو پروڊيوسر کيس ٻڌايو ته اداڪارائن جا مڱيندا کين اوهان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي رهيا آهن ڇو جو اُهي اوهان کي ڊڄي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.