پرفيڪٽ هٿرادو دل ڪيستائين تيار ٿيندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دل هڪ سادو عضوو آهي. هڪ پمپ، چار چيمبرز، ڪجهه والوز، ٽيوبز ۽ انتهائي شاندار قسم جي وائرنگ تي ٻڌل هوندو آهي پر جڏهن اهي پمپ تيئن ڪم ناهن ڪندا جيئن کين ڪم ڪرڻ گهرجي ته انسان جي صحت خطري ۾ پئجي ويندي آهي، پمپ ڪمزور ٿي ويندا ته رت کي اثرائتي طريقي سان جسم ۾ منتقل نه ڪري سگهندا. دل جا ماهر ۽ دل جا سرجن گذريل 60 سالن کان هٿرادو دل تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهڙا مريض جن جي دل جي بيماري گهڻي ناهي هوندي انهن جي دلين کي سهارو ڏيڻ يا بهتري لاءِ ڪيترائي نظام موجود آهن پر جن مريضن ۾ دل جون بيماريون ڳنڀير هونديون آهن انهن لاءِ هن وقت تائين ڪو حل موجود ناهي.

1982 دوران آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو هٿرادو دل لڳائي وئي هئي پر اها دل رڳو ڪجهه بنيادي ضرورتون پوريون ڪري ٿي ۽ مريض جون ٻيون مخصوص ضرورتون پوريون ناهن ٿينديون، ان جي باوجود دل جي ان پيوندڪاري جي ساراهه ڪئي وئي هئي.

ان هٿرادو دل جو ماسٽر مائينڊ فرانسيسي هارٽ سرجن ايلان ڪارپنتي هو، جيڪو ان کان اڳ دل جا والوز ٺاهڻ جي ڪري مشهور هو. هن بيمار دل جي پراڻي ۽ هٿرادو مواد کي تبديل ڪرڻ لاءِ پگ ڪارٽليج جهڙو حياتياتي مواد متعارف ڪرايو هو.

ايلان ڪارپنتي حياتياتي مواد کي سموري دل تائين پکيڙي ڇڏيو. هن دل جي تياري ۾ جديد ترين سينسرز جو استعمال ڪندي گهڻن رخن کي به نظر ۾ رکيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هڪ اهڙي هٿرادو دل تيار ٿي جيڪا استعمال ڪندڙ شخص جي جسماني سرگرمين موجب ٿي سگهي پئي.

ان ڪارمٽ دل دل کي پهريون ڀيرو 76 سالن جي شخص ۾ لڳايو ويو جنهن جي حالت خراب هئي، هن نئين پمپ سان هو وڌيڪ 74 ڏينهن تائين جيئرو رهيو. هٿرادو دل ٺاهيندڙ ڪمپني ڪارميٽ جي سربراهه اسٽيفن پياٽ جو چوڻ آهي ته اڄ ڪلهه هٿرادو دل جي سطحي مواد، سافٽ ويئر ۽ پمپس ۾ ٻيون ايڊجسٽمينٽ ڪيون ويون آهن، تقريبن 50 مريضن ۾ اهڙيون هٿرادو دليون لڳايون ويون آهن، هن وقت 15 ماڻهن جي سيني ۾ اهي ڪارمٽ دليون ڌڙڪي رهيون آهن جڏهن ته ٻيا مريض فوت ٿي چڪا آهن.

ڪارمٽ دل جي سائيز وڏي هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هي ننڍي سيني لاءِ ٺيڪ ناهي. خاص طور تي هن کي عورتن جي سيني ۾ نٿو لڳائي سگهجي. هي پيچيده به آهي. ڪارميٽ دل 250 شين يا پرزن تي ٻڌل آهي. برلن ۾ شاريٽي اسپتال جي هارٽ سينٽر سان واڳيل ڊاڪٽر ايوگينيج پوٽاپوو چيو ته انهن پرزن مان ڪو به پرزو ٽٽي سگهي ٿو.

اهو ئي سبب آهي جو ڪارميٽ دل کي ٻي هٿرادو دل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو ۽ هميشه جيان وڌيڪ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ اگهه به وڌيڪ ادا ڪرڻو پوي ٿو. اهڙي هڪ دل جو اگهه تقريبن 2 لک ڊالر آهي. ڊاڪٽر پوٽاپوو موجب جن مريضن ۾ اها دل لڳا وئي انهن مان اڌ 6 مهينن کان وڌيڪ جيئرو نه رهي سگهيا.

ڇا ڪارمٽ دل سان ڊگهو وقت جيئڻ ممڪن آهي؟ ڪمپني ڪارميٽ جي سربراهه اسٽيفن پياٽ موجب اهو سڀ کان اهم سوال آهي، هو چوي ٿو ته سندس ڪمپني ايندڙ سالن ۾ ڊگهي مدي واري ٿراپي ڏانهن وڌندي، هيل تائين ڪارميٽ دل کي يورپي مارڪيٽ ۾ رڳو هڪ عبوري حل جي طور تي منظور ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر ايوگينيج پوٽاپوو چوي ٿو ته جيڪڏهن هن جو سائز اڌ ٿي وڃي ۽ ڪو ٽيڪنيڪل مسئلو به نه هجي ته اها وڏي ڪاميابي هوندي جڏهن ته 2021 جي آخر ۾ معيار جي مسئلي جي ڪري ڪمپني کي هڪ سال لاءِ پنهنجون شيون مارڪيٽ مان هٽائڻيون پيون هيون.

ان کان اڳ محققن خنزير جي جينياتي طور تي تبديل ٿيل دلن ۽ انجئيرڊ ٽشوز سان تجربا ڪيا،

اهو هيل تائين واضح ناهي ته اهڙي دل هٿرادو دلين کان وڌيڪ ڪامياب رهندي. هيل تائين سائندان اهڙي ڪا به هٿرادو دل ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيا آهن جيڪا انساني سيني ۾ ڊگهي مدي تائين ڌڙڪي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.