”بِهار جي ننڍڙي ڳوٺ مان واڏا خواب کڻي نڪتو هئس، پئسي کي لالچ نه ضرورت سمجهيو“

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي اداڪار منوج باجپائي چيو آهي ته هو ۽ شاهه رخ خان ٻن مختلف دنيائن جا ماڻهو آهن.
پنهنجي تازي انٽرويوءَ ۾ منوج باجپائي شاهه رخ سان پنهنجي لاڳاپن بابت کُلي ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته هو ڪڏهن به شاهه رخ جي ويجهن ماڻهن ۾ شامل ناهي رهيو.
هن چيو ته اسان هڪ گروپ ۾ هئاسين پر اسان جي دوستن جو سرڪل الڳ هيو، مان ڪڏهن به شاهه رخ خان جي ويجهن دوستن ۾ ناهيان رهيو.
ڀارتي اداڪار هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جي ملاقات ته ناهي ٿيندي، اصل ۾ اسان ٻن مختلف دنيائن جا ماڻهو ٿي چڪا آهيون ۽ اسان ٻنهي جا رستا به هڪٻئي سان ناهن ملندا.
سندس چوڻ هو ته دهلي واري زماني به دوستي اهڙي نه هئي، هڪ گروپ ۾ ڪم ڪرڻ سبب ڄاڻ سڃاڻ هئي، سڀني سان اُٿڻو ويهڻو پوندو آهي.
واضح رهي ته منوج باجپائي ۽ شاهه رخ خان دهلي ۾ هڪ ئي گروپ جو حصو هئا، ٻنهي اداڪاري جو سفر به اٽڪل گڏ ئي شروع ڪيو هو.
هڪ ئي گروپ جو حصو رهندڙ شاهه رخ خان هن وقت بالي ووڊ انڊسٽري جو سپر اسٽار آهي، جڏهن ته منوج باجپائي آرٽ ۽ غير روايتي فلمن ذريعي پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو آهي.
يو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.