ڪراچي پوليس جو اي ايس آءِ منشيات فروشي جي الزام ۾ گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس جي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (اي ايس آءِ) کي شاهه فيصل ڪالوني ۾ منشيات فروشي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب جوابدار منظور احمد وٽان 1110 گرام چرس برآمد ڪيو ويو آهي ۽ سرڪار جي فرياد تي ڪيس به داخل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار عزيز ڀٽي ٿاڻي ۾ مقرر رهيو آهي ۽ اڳ به منشيات فروشي جي الزامن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اي ايس آءِ منظور اڄڪلهه معطل ۽ ايسٽ هيڊ ڪوارٽرز ۾ مقرر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.