ڪراچي، سکر سميت مختلف ضلعن جي 14 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف ضلعن جي 14 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
صحت واري وزارت جي ترجمان موجب پشاور جي 3، حيدرآباد جي 2 ۽ ڪراچي اوڀر جي 2 نمونن ۾ پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي.
ترجمان چيو ته وچ ڪراچي، ڪياماڙي ۽ اولهه مان به هڪ هڪ نموني ۾ وائرس نڪتو آهي، جڏهن ته سکر، ڪوئيٽا، ڪوهاٽ ۽ اسلام آباد جي به هڪ هڪ نموني ۾ وائرس رپورٽ ٿيو، سڀني نمونن ۾ موجود وائرس سرحد پار کان آيو آهي.
صحت واري وزارت جي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي ته رڳو پوليو ويڪسينيشن ذريعي ئي ٻارن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، والدين 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لازمي پوليو جا ڦڙا پيئارين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.