سينيٽ ٺهراءُ جي اڳيان پويان ڪير به هجي پر چونڊون 8 فيبروريءَ تي ئي ٿينديون: ن ليگ

لاهور ( ويب ڊيسڪ) نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سينيٽ ٺهراءَ جي اڳيان ۽ پويان ڪير به هجي، اليڪشن شيڊول تي عملدرآمد ٿيندو، ٻيون جماعتون ڀل روئن يا رڙيون ڪن، اليڪشن 8 فبروريءَ تي ٿيندي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته سينيٽ ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ٺهراءُ منظور ٿيوان جي رڳو ن ليگ ئي مخالفت ڪئي، پي ٽي آءِ سينيٽ ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، پي ٽي آءِ وارا سازش تحت پهرين لاهور هاءِ ڪورٽ ويا ۽ پوءِ سينيٽ ٺهراءَ جو ساٿ ڏنو، هي ماڻهو اندر خاموش ۽ ٻاهر واويلا ڪندا آهن.
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا جيلن مان ويهي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪن، کين عوام هاڻي ووٽ نه ڏيندو، ملڪ جو عوام اليڪشن چاهي ٿو، 9 مئي وارن تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي، نوَ مئي تي ملڪ کي ساڙن جو چيو ويو پوءِ ڪارڪنن ڪري ڏيکاريو ۽ هاڻي ڀوڳي رهيا آهن، اِها ڍر انهن کي تڏهن ملي جڏهن نوَ مئي جي دهشتگرد کي “گڊ ٽو سي يو” چيو ويو، 9 مئي وارو واقعو هاڻي ٻيهر ورجائڻ نه ڏينداسين، ڇاڪاڻ ته ملڪ هاڻي 28 مئي وارن جي حوالي ٿي چڪو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ ٺهراءِ جي اڳيان پويان ڪير به هجي اليڪشن شيڊيول تي عمل ٿيندو، ٻيون پارٽيون، روئن يا رڙيون ڪن، اليڪشن اٺ فيبروريءَ تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.