پي ايس ايل 9 جو شيڊيول سامهون اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ملڪي ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو ميلي يعني پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جو شيڊيول تيار ٿي چڪو آهي، نوَ مئي کان شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ سترنهن مارچ تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جاري رهندو.
پي ايس ايل شيڊيول موجب پهرين مرحلي ۾ لاهور ۽ ملتان ۾ ميچون ٿينديون جڏهن ته ٻئي مرحلي جي ميچن جي ڪراچي ۽ لاهور ميزباني ڪندا.
ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ايونٽ جو فائنل ڪراچيءَ ۾ ٿيندو.
ٽورنامينٽ ۾ ست ڊبل هيڊر مقابلا ٿيندا جڏهن ته ليگ جون ڇهه ميچون ۽ هڪ ڪواليفائر ڏينهن جو کيڏيو ويندو.
ميگا ايونٽ جون راولپنڊي ۾ ٽي، لاهور ۾ ٻه ميچون ڏينهن جوکيڏيون وينديون جڏهن ته ڪراچي ۾ يارنهن، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ نوَ، نوَ ۽ ملتان ۾ پنج ميچون شيڊيول آهن.
پاڪستان سپر ليگ لاءِ ٽيمن جي آمد ٻارنهن فيبروري کان شروع ٿيندي ۽ چار ڏينهن آفيشل پريڪٽس سيشن لاءِ هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.