عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ ا جمع ڪرايو ويو آهي.

جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون ڪرائڻ آئيني گهرج آهي، مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي ذميواري آهي.

ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي ۽ اٺ فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ مقرر ٿي چڪي آهي.

ٺهراءُ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سينيٽ مان چونڊون ملتوي ڪرائڻ جا ٺهراءَ منظور ڪرايا ويا، ٺهراءُ غير آئيني ۽ غير جهموري آهي، سينيٽ کي آئين جي خلاف قدم کڻڻ جو اختيار نه آهي.

ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اٺ فيبروري تي صاف شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي ۽ سمورين پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي ۽ سينيٽ مان اليڪشن جي التوا بابت منظور ڪيل ٺهراءُ کي ڪالعدم تصور ڪيو وڃي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن سينيٽ اليڪشن جي التوا بابت پيش ڪيل ٺهراءُ منظوري ڪيو هو، ٺهراءُ جو منظوريءَ وقت ايوان ۾ رڳو 14 ميمبر موجود هئا جنهن ۾ رڳو ن ليگ جي سينيٽر افنان الله ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ سينيٽر گرديپ سنگهه ۽ پ پ جي بهره مند تنگي خاموشي اختيار ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.