تاحيات نااهلي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ بار جي چالاڪي!

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ بار وڏي هوشياري ۽ چالاڪيءَ جو مظاهرو ڪندي تاحيات نااهلي واري ڪيس ۾ پنهنجي 184 تحت داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.

نامياري صحافي مريم نواز جو  چوڻ آهي ته اصل ۾چيف جسٽس جي ريمارڪس مان اهو نظر اچي رهيو آهي ته هو پارليامينٽ جي بالادستي ۾ يقين رکي ٿو ۽ شايد هو پارليامينٽ جي منظور ڪيل 5 سال نااهلي واري قانون کي اهميت ڏيندو.  ان صورتحال کي محسوس ڪندي سپريم ڪورٽ بار پنهنجي 184 تحت داخل درخواست واپس ورتي جيئن فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري سگهي، درخواست واپس نه وٺي ها ته پوءِ 184 تحت اپيل داخل نه ڪري سگهي ها.

نامياري صحافي اسد علي طور سان ڳالهائيندي  مريم نواز چيو ته هاڻي فيصلي خلاف اپيل داخل ٿيندي جنهن کي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ جڙندي جنهن ۾  موجوده بئنچ ۾ شامل جج شريڪ نه هوندا. ان ڪري اها سپريم ڪورٽ بار جي وڏي هوشياري ۽ چالاڪي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 06 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.