سينيٽ ٺهراءُ جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، ڪجهه ڌريون چونڊون نٿيون چاهين: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) ناميارن وڪيلن ۽ ساڃاھھ وندن، سينيٽ ۾ 8 فيبروري تي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ پاس ڪيل قرارداد کي جمھوريت خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آھي تھ  سينيٽ جي ان قرارداد جي ڪا قانوني حيثيت ناھي، ڪورم پورو نھ ھجڻ باوجود ڪجھھ ميمبرن پاران قرارداد پاس ڪئي وئي، ڪي ڌريون نٿيون چاھين تھ ملڪ ۾ چونڊون ٿين. عوامي آواز سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي  ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر ۽ نامياري قانوندان يوسف لغاري چيو تھ سينيٽ ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي لاءِ پاس ڪيل قرارداد جمھوريت جي خلاف سازش آھي، جيڪڏھن 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي لاءِ ماحول تيار ڪري ڪجھھ ڏينھن اڳ چونڊون ملتوي ڪيون ويون تھ اھو عمل نھ صرف سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ھوندو، پر اليڪشن ڪميشن جي ساک کي نقصان ڏيندو ۽ ھن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ تي بھ ڪيترائي سوال اٿندا. ھن چيو تھ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آھي، سينيٽ جي قرارداد جي ڪا بھ حيثيت ناھي، ھن وقت چونڊن جون تياريون ھلي رھيون آھن، اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آھن، اسڪروٽني ۽ اعتراضن وارو عمل جاري آھي، ان موقعي تي سينيٽ مان چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪرڻ بدنيتي آھي، چونڊون نھ ڪرائڻ آئين جي خلاف ورزي آھي. ھن چيو تھ جيڪڏھن چونڊون ملتوي ڪيون ويون تھ ايندڙ ڪجھھ مھينن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ڪجھھ ميمبر بھ رٽائرڊ ٿيڻ وارا آھن، اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ بھ اسيمبلي ۽ چونڊيل حڪومت کانسواءِ نٿي ٿي سگھي، مارچ ۾ سينيٽ جون چونڊون ٿيڻيون ھيون، جيڪڏھن چونڊون نھ ٿيون تھ پوءِ سينيٽ جون بھ چونڊون نھ ٿينديون ۽ سينيٽ ڊس فنڪشنل ٿي ويندو، عوام کي مطالبو ڪرڻ گھرجي تھ سينيٽ جي قرارداد تي ڪنھن بھ صورت ۾ عمل نھ ڪيو وڃي. ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو تھ سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ پاس ڪيل قرارداد ھٿ ٺوڪي آھي، ايوان ۾ ڪورم بھ پورو نھ ھو، چونڊون ملتوي ڪرڻ جي لاءِ ھي ڊراما ھلي رھيا آھن، جمھوريت جي حامي جماعتن کي اھڙن ميمبرن خلاف قدم کڻڻ گھرجي جيڪي ايوان ۾ ويھي جمھوريت جي خلاف سازش ڪن ٿا. ھن چيو تھ سينيٽ جي قرارداد کانپوءِ اليڪشن ڪميشن بھ اھو چئي چڪي آھي تھ ان قرارداد سان چونڊن تي ڪو بھ فرق نھ پوندو، ان ڪري اھا اميد آھي تھ 8 فيبروري تي چونڊون ضرور ٿينديون، پوءِ اھي چونڊون ڪيتريون ئي شفاف ٿين ٿيون اھو چونڊن کانپوءِ جو معاملو آھي. نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو تھ پاڪستان ۾ ڪنٽرولڊ جمھوري عمل ھلندو پيو اچي، ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ تھ پسند ڪيو ويو، پر چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ عوامي ليگ کي حڪومت ٺاھڻ نھ ڏني وئي، پاڪستان جي غير جمھوري طاقتن ڪنٽرولڊ نظام تحت ملڪ کي ھلايو آھي ۽ ان نظام تحت ئي ملڪ کي اڳتي بھ ھلايو ويندو، سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪرڻ ڪا نئين ڳالھھ ناھي، ڇو تھ جيڪي جماعتون ڪنٽرولڊ جمھوري نظام تحت ايوانن ۾ پھچن ٿيون انھن جا پنھنجا مفاد ھوندا آھن. ھن چيو تھ اڌ کان وڌيڪ ملڪ جا شھري ووٽر طور رجسٽرڊ ناھن، جيڪي شھري ووٽر طور رجسٽرڊ آھن انھن مان اڌ کان وڌيڪ ماڻھو ووٽ جو حق استعمال ئي نٿا ڪن، ان مان ثابت ٿئي ٿو تھ ھتي ڪھڙي قسم جو نظام ھلايو وڃي ٿو. ھن چيو تھ اڳ تھ آمر حڪومت کي گھر موڪلي اقتدار تي قبضو ڪندو ھو، مشرف جي آمريت کانپوءِ سڌي مارشلا تھ نھ لڳائي وئي آھي، پر جيڪا لولي لنگڙي جمھوريت رھي آھي ان ۾ بھ ڪنھن وزيراعظم کي ھلڻ نٿو ڏنو وڃي، اسيمبليون تھ نھ ٽٽيون آھن، پر وزيراعظم گھر ڀيڙا ٿيندا رھيا آھن. ھن چيو تھ بدقسمتي آھي تھ جن ڌرين کي اينٽي اسٽيبلشمينٽ سمجھيو ويندو ھو انھن ڌرين ۽ پرو اسٽيبلشمينٽ ڌرين ۾ ڪو بھ ٽڪراءُ نظر نٿو اچي، اقتداري ڌريون آصف زرداري ۽ نواز شريف جي صورت ۾ پنھنجن مفادن جي لاءِ غير جمھوري قوتن کي ڪنھن بھ صورت ۾ ڪاوڙائڻ نٿيون چاھين، اڄ جڏھن اسٽيلشمينٽ سمجھيو آھي تھ پارليامينٽ ۾ پنجاب بالادست آھي ۽ پنجاب جي بالادستي ھن وقت ھو پنھنجي حق ۾ استعمال نھ ڪري سگھندا ان ڪري بھ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جا طور طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو تھ اڄ سينيٽ ۾ جمھوريت خلاف سازش تحت چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت قرارداد پاس ڪئي وئي، ايوان ۾ رڳو 14 ميمبر موجود ھئا، (ن) ليگ جي موجود ھڪ ميمبر قرارداد جي مخالفت ڪئي، جڏھن تھ چونڊن جو راڳ ڳائيندڙ ٻن جماعتن پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آئي جا ميمبر خاموش رھيا، جنھن مان اھو ظاھر ٿئي ٿو تھ اھڙي قرارداد پيش ڪندڙ ۽ ان جي حمايت ڪندڙ ميمبر توڙي اھڙي قرارداد جي سڌي مخالفت يا حمايت نھ ڪندڙ ميمبر جمھوريت پسند ناھن، چونڊون نھ ڪرائڻ آئين جي خلاف ورزي ۽ جمھوريت جي رستاروڪ آھي. نامياري وڪيل ۽ ڄامشورو جي صوبائي تڪ تي ايس يو پي پاران نامزد ڪيل اميدوار مير احمد مڱريو چيو تھ ڳجھا ھٿ نٿا چاھين تھ ملڪ ۾ چونڊون ٿين، چونڊون تھ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ٿي رھيون آھن، باقي پاڻ کي جمھوريت جو چئمپين سڏائيندڙ پيپلزپارٽي جھڙين جماعتن جو چونڊون ڪرائڻ واري معاملي تي ڪو ڪردار ناھي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ايوانن ۾ موجود سندن ميمبرن جو حال اھو آھي تھ ھو بل پاس بھ ڪرائيندا آھن تھ روئيندا بھ آھن، جنھن جو مثال پيپلزپارٽي جو سينيٽر رضا رباني آھي، ھي ظاھري طور تي ماڻھن کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن تھ اسان ان قانونسازي تي خوش ناھيون. ھن چيو تھ چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت سينيٽ مان پاس ٿيل قرارداد جي ڪا قانوني حيثيت ناھي، جيڪڏھن اليڪشن ڪميشن ڪھڙن بھ سببن جي ڪري چونڊون ملتوي ڪري بھ ڇڏيون تھ معاملو وري بھ سپريم ڪورٽ ۾ ويندو ۽ سپريم ڪورٽ ڪنھن بھ صورت ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ نھ ڏيندي، ان مان ثابت ٿيو آھي تھ سپريم ڪورٽ بھ ھڪ اسٽيڪ ھولڊر طور سامھون آئي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.