سياسي پارٽيون ۽ اسٽيبلشمينٽ چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ هڪ صفحي تي آهن؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ جون سياسي پارٽيون ۽ اسٽيبلشمينٽ 8 فيبروريءَ تي چونڊن جي حق ۾ نه آهن، نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته سينيٽ ۾ هڪ رٿابندي تحت چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ  پيش ٿيو آهي ۽  ڪورم پورو نه هجڻ باوجود منظور ٿي ويو آهي.

صحافي مطيع الله جان ته ٻه ڏينهن اڳ ٽوئيٽ ذريعي ٻڌائي  ڇڏيو هو ته صرف سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽  سندس ٻه ساٿي جج چونڊن جي حق ۾ آهن باقي ڪابه  ڌر چونڊن جي حق ۾ نه آهي.

سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اصل ۾ ن ليگ جي خواهش آهي ته عمران خان کي نااهل ڪيو وڃي ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي وڌي وڃي، ان بعد هو چونڊن جي ميدان ۾ لهندي ان سان گڏ چاهي ٿي ته مهانگائي به گهٽ ٿئي، بجلي بل بم بڻجي عوام مٿان ڪرڻ بند  ٿين  ان بعد هو چونڊ وڙهڻ لاءِ تيار آهي. اسٽيبلشمينٽ جي خواهش آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿين.

عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي  به مڪمل طور ڪنڊائتو ڪيو وڃي. سفارتي معاملا بهتر ڪيا وڃن خاص طور آمريڪا سان سائيفر جي آڙ  ۾ عمران خان جيڪي معاملا خراب ڪيا انهن کي بهتر ڪيو وڃي ان بعد چونڊن جو سوچيو وڃي اڳوڻو صدر آصف زرداري به گهڻو اڳ چونڊون ڪجهه ڏينهن  ملتوي ٿيڻ جو اشارو ڏنو هو.

مولانا  فضل الرحمان  ته کليل نموني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. سينيٽ جو ٺهراءُ  ڪجهه قوتن جي چهري تي پردو وجهڻ ۽ چيف جسٽس جي جذبن سان کيڏڻ جي ڪوشش  آهي. ڇو ته چيف جسٽس اصل ۾ پارليامينٽ جي بالادستي ۾ يقين رکندڙ آهي.

ان ڪري سينيٽ مان ٺهراءُ  پاس ڪرايو ويو. پر ٺهراءُ جي پابندي لازمي نه آهي. ڇاڪاڻ ته بي اي پي ۽ خاص طور سينيٽ چيئرمين کي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري سمجهيو وڃي ٿو ته ٺهراءُ به اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي منظور ڪيو ويو آهي. ان هوندي به ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 06 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.