ملتان ۾ شهيد ڀٽو جي سالگرهه تقريب، ڀاڄ،آصف زرداري جو پير مڙي پيو

ملتان/شهيد ڀٽو سالگرهه تقريبملتان(م ڊ) پ پ جي صدر آصف علي زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 هين سالگرهه جي تقريب ۾ پيپلز  سيڪريٽريٽ ۾ شرڪت ڪئي.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي تقريب ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ جيئي ڀٽو ، بلاول زندهه آباد ۽ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري جا نعرا هنيا وياپ پ جو وائيس چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پ پ ڏکڻ پنجاب جو صدر مخدوم احمد محمود ۽ ٻيا صدر آصف علي زرداري سان گڏ هئا.جڏهن ته سالگرهه تقريب ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جيالا آصف علي زرداري سان تصوير ڇڪرائڻ لاءِ اسٽيج تي چڙهي آيا، آصف زرداري کي ڌڪا لڳا،پ پ اڳواڻ علي حيدر گيلاني چيو ته آصف علي زرداري کي ڌڪو لڳڻ ڪري پير ۾ سوڄ ٿي وئي آهي، هو هن وقت آرام ڪري رهيو آهي، هو بلڪل ٺيڪ آهي، هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور جي اين اي 127 ۾ ڪوٽ لکپت ويجهو قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 هين سالگرهه جي موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.