برطانوي اداري ۾ عمران خان سان منسوب مضمون، حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ باني سان منسوب مضمون جي سلسلي ۾ برطانوي اشاعتي اداري ”دي اڪنامسٽ“ جي ايڊيٽر کي خط لکندي.
راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف باني عمران خان برطانوي رسالي ”دي اڪنامسٽ“ ۾ مضمون لکيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو الزام ورجايو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ئي آمريڪا جي دٻاءَ ۾ سندس حڪومت ڪيرائي.
ان حوالي سان ايڪس تي پوسٽ ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان دي اڪنامسٽ جي ايڊيٽر کي هڪ مضمون بابت لکي رهيا آهيون، جيڪو مبينا طور تي عمران خان لکيو هو.
هن چيو ته اهو حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته اهڙي قسم جي هڪ معزز ميڊيا آئوٽ ليٽ هڪ اهڙي فرد جي نالي سان مضمون شايع ڪيو، جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٻڌائي وئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته اخلاقي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي هٿي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي.
سندس موجب اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ادارتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو ۽ دي اڪنامسٽ طرفان مواد جي قانوني حيثيت ۽ اعتبار جي حوالي سان ڪهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو ويو، اسان کي اهو ڄاڻڻ ۾ دلچپسي هوندي ته ڇا دي اڪنامسٽ ڪڏهن دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي مان جيل ۾ قيس سياستدانن جا اهڙا گهوسٽ مضمون شايع ڪيا آهن، جيڪڏهن جيل ۾ قيد ڏوهي ميڊيا کي لکڻ ۾ آزاد هجن ها ته اهي پنهنجي هڪ طرفي شڪايت کي نشر ڪرڻ لاءِ سدائين موقعي جو استعمال ڪن ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.