جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس، عمران خان دهشتگردي ٽوڙ عدالت طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني خلاف گهيرو وڌيڪ تنگ ٿي ويو، 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت کيس طلب ڪري ورتو.
عمران خان خلاف 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو تي حملي، تصويرون ساڙڻ ۽ ماڻهن کي اڪسائڻ جا ڪيس داخل آهن، جن جي ٻڌڻي راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ڪئي.
عدالت انهن ئي ڪيسن ۾ عمران خان کي 9 جنوري تي طلب ڪيو آهي، پي ٽي آءِ باني 9 مئي جي سڀني ڪيسن ۾ مک جوابدار طور نامزد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.