چين ۾ پٽڙي ۽ ڊرائيور کانسواءِ هلندڙ ٽرين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي شهر زوزائو ۾ هڪ اهڙي ٽرين متعارف ڪرائي وئي آهي جيڪا روڊ تي سفر ڪري ٿي. ان ٽرين کي هلائڻ لاءِ نه ٽريڪ نه ئي ڊرائيور جي ضرور آهي.
دي ريل بس جي نالي سان پيش ڪيل اها انوکي شيءِ چيني ڪمپني سي آر آر سي تيار ڪئي آهي. اها آٽوميٽڪ ريل بس آهي. ان کي ٽرين جيان ڊزائين ڪيو ويو آهي. ان ۾ سفر ڪندڙ پاڻ کي ٽرين ۾ سفر ڪندي محسوس ڪن ٿا.
سي آر سي پنهنجي ان پراڊڪٽ جي ذريعي بس، ٽرين ۽ ٽرام کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڇڏيو آهي. سفر جي ان ٽنهي ذريعن کي انقلابي انداز ۾ منظرعام تي آندو ويو آهي.
دي ريل بس جي ڊزائين جون 2023ع ۾ عوام جي سامهون رکي وئي هئي. پنجن مهينن کان به گھٽ وقت ۾ سي آر آر 30 آڪٽوبر 2023ع تي زوزائو ۾ چئن ڪلوميٽرن جي روڊ تي ان جو آزمائشي سفر شروع ڪيو.
ان منصوبي جو بنيادي مقصد زمين هيٺ ريلوي سسٽم کان ڇوٽڪارو آهي ڇو جو ان تي تمام گھڻي لاڳت اچي رهي آهي. دي ريل بس جي لاڳت زمين هيٺ ريلوي تي ٿيندڙ لاڳت جو چوٿون حصو آهي.
بجلي سان هلندڙ ريل بس کي هڪ سفر کان پوءِ 25 ڪلوميٽرن جي ٽريڪ تي سفر لاءِ ري چارج ٿيڻ ۾ رڳو 10 منٽ لڳن ٿا. ريل بس وڌ کان وڌ 43 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.