اداڪارا فريال جون بولڊ تصويرون وائرل، واهپيدار تپي باهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز انڊسٽري جي اداڪارا فريال محمود بولڊ لباس پهرڻ سبب سوشل ميڊيا واهپيدارن جي تنقيد جي وڪڙ ۾ اچي وئي.
گذريل رات ڪراچي ۾ پاڪستاني فلم ”وکري“ جو پريميئر ٿيو جنهن ۾ فلم جي ڪاسٽ سميت ٻين شوبز شخصيتن شرڪت ڪئي هئي، پريميئر جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
فلم جي پريميئر جي موقعي تي فريال محمود بولڊ لباس ۾ هئي، اداڪارا جي تصويرون جيئن ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ته واهپيدارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو. نور عباس نالي واهپيدار چيو ته فريال محمود ته حد ڪري ڇڏي.
هڪ واهپيدار چيو ته حد ٿي وئي آهي، ڪجهه مسلمان هجڻ جو خيال ڪر، شرم ڪر.
آفرين نالي واهپيدارن چيو ته انشاءَالله! اها فلم فلاپ ٿيندي، ڪو به نه ڏسندو.
سعد نالي واهپيدار شديد ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته هيءَ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي، هيءَ پاڻ کي مسلمان سڏائي ٿي، شرم ڪر.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Galaxy Lollywood (@galaxylollywood)

اقرا نالي واهپيدار چيو ته هيءَ ضرورت کان وڌيڪ بيهودا ۽ واهيات ٿيندي پئي وڃي.
شازيه نالي واهپيدار چيو ته جيڪا خوبصورتي مڪمل ڪپڙن ۾ هوندي آهي اُها ڪجهه ٽڪرن ۾ ناهي هوندي، پاڻ کي اهڙن ڪپڙن جو عادي نه بڻايو ڇو جو اوهان جي چهري جو نور هليو ويندو آهي ۽ اوهان بلڪل سٺا نه لڳندا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.