آءِ سي سي ون ڊي ڪرڪيٽر آف دي ايئر جي ايوارڊ لاءِ نامزدگيون، بابر جاءِ نه ٺاهي سگهيو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ايوارڊز 2023ع لاءِ مينز ون ڊي پليئر آف دي ايئر جي نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
مينز ون ڊي پليئر آف دي ايئر جي ايوارڊ جي نامزدگين ۾ گذريل سال ۽ ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ چئن رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي.
هن سال پاڪستان جو ڪو به رانديگر ان ايوارڊ لاءِ نامزد ناهي ٿيو، گذريل ٻن سالن دوران آءِ سي سي مينز ون ڊي پليئر آف دي ايئر جو ايوارڊ بابر اعظم جي نالي رهيو هو.
آءِ سي سي موجب، مينز ون ڊي پليئر آف دي ايئر 2023 جي نامزدگين ۾ ڀارت جا ٽي ۽ نيوزيلينڊ جو هڪ رانديگر شامل آهي.
ڀارت جي ويرات ڪوهلي، محمد شامي، شُڀمَن گِل ۽ نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل مينز ون ڊي پليئر آف دي ايئر جي نامزدگين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.