آمريڪا ۾ مسجد جو پيش امام گوليون هڻي قتل

آمريڪا ۾ مسجد جي پيش امام کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو واقعو آمريڪي رياست نيوجرسي ۾ پيش آيو جتي حسن شريف مسجد کان ٻاهر نڪتو ته کيس فائرنگ جو نشانو بڻايو ويو.
واقعي تي رياست جي اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته پيش امام حسن شريف کي ڪيتريون ئي گوليون لڳيون جنهن تي کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر بدقسمتي سان هو زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته فائرنگ ڪرڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن.
اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته پيش امام کي قتل ڪرڻ جو مقصد ته في الحال خبر ناهي پئجي سگھيو پر شروعاتي جاچ مان خبر پوي ٿي ته اهو ڪنهن تعصب يا دهشتگرديءَ جو واقعو نه آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جنگ جي ڪري آمريڪا ۾ ڪميونٽيز وچ ۾ تعصب، اسلاموفوبيا ۽ يهود مخالف واقعا ٿيا آهن جڏهن ته ان رياست ۾ 3 لک کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.