عمران خان جون تقريرون نشر ڪرڻ تي ڪا به بندش ناهي: پيمرا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جون تقريرون روڪڻ واري الزام تي پيمرا کي ٽي وي چئنلز کي پريشرائزڊ نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي پيمرا چيو آهي ته عمران خان جون تقريرون نشر ڪرڻ تي ڪا به پابندي ناهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ٽي وي چئنلز تي تقرير نشر نه ٿيڻ خلاف درخواست تي جسٽس شمس محمود مرزا ٻڌڻي ڪئي .

عدالت عمران خان جي درخواست اڪلائيندي چيو ته پيمرا ٽي وي چئنلز کي پريشرائزڊ نه ڪري، جنهن تي پيمرا عدالت ۾ چيو ته درخواستگذار جي تقرير نشر ڪرڻ تي ڪا به پابندي نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.