پ پ پاران بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جو اميدوار هوندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جو اميدوار هوندو.

لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪتو ڪميٽي (سي اي سي) جو بلاول هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، مهدي شاهه، قمر زمان قائرا، منظور وساڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ چونڊ مهم، منشور، ملڪي سياسي  صورتحال ۽ چونڊن جي حوالي سان رابطن تي الهه ٻولهه ڪئي وئي.

آصف علي زرداري پيپلز پارٽي پاران وزيراعظم جي اميدوار جي طور تي بلاول ڀٽو زرداري جو نالو پيش ڪيو.

سي اي سي بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وزيراعظم جي اميدوار جي طور تي منظور ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.