ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جعلي ۽ مدي خارج دوائن جي وڏي کيپ پڪڙي وئي، هٿ آيل سامان ۾ مريضن کي بيهوش ڪندڙ دوائون ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ استعمال ٿيندڙ طبي اوزار به شامل آهن.
ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ يف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل ۽ پاڪستان ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي گڏيل ڇاپو هنيو.
ڇاپي دوران بنگلي جي بيسمينٽ ۾ غير قانوني طور تي بڻايل جعلي دوائن جو ڳجهو گودام پڪڙيو ويو.
ايف آءِ اي اختيارين موجب پڪڙيل دوائن ۾ مريضن کي بيهوش ڪندڙ دوائون ۽ مدي خارج طبي اوزار به شامل آهن.
اختيارين موجب بنگلي جي بيسمينٽ ۾ بڻايل ڳجهي گودام م مدي خارج دوائن جي ٻيهر پيڪنگ ڪري مختلف ميڊيڪل اسٽورز تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، ڪارروائي دوران هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.