ننڊ ڪرڻ کانسواءِ ڪيتري دير تائين رهي سگھجي ٿو؟ مشهور يوٽيوبر جي ڪوشش

نوٽنگھم (ويب ڊيسڪ) اهو خيال اوهان جي ذهن ۾ ڪڏهن آيو ته اوهان ڪيتري دير تائين ننڊ کانسواءِ رهي سگھو ٿا؟ اهو سوال انگليند جي مشهور يوٽيوبر جوفيزر جي ذهن ۾ آيو ۽ هن ان کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو.

21 ورهين جي جوفيزر يوٽيوب تي پنهنجي تجربي جو عنوان ئي اهو ئي رکيو ته ”آئون ڪوشش ڪئي ته آئون ڪيتري دير تائين سمهڻ کانسواءِ رهي سگھان ٿو“.

10 لک کان وڌيڪ سبسڪرائبرز رکندڙ جوفيزر پنهنجي ناظرين کي اها به نصيحت ڪئي ته اهو يقيني طور تي اهڙو چئلينج آهي جيڪو ڪنهن کي به نه ڪرڻ گھرجي.

اهو نه سمهڻ جو تجربو شروع ٿيڻ بعد 18 ڪلاڪ ته ٺيڪ رهيا پر 22 هين ڪلاڪ ۾ هو ٿڪجڻ لڳو ۽ 24 هين ڪلاڪ ۾ هن جاڳڻ لاءِ پهريون ڀيرو ڪيفين جو استعمال ڪيو.

پوءِ 29 هين ڪلاڪن کان پوءِ ننڊ ۾ شدت وڌڻ کان پوءِ هو ٿڌي پاڻيءَ سان وِهتو. سندس چوڻ هو ته اهو تڪليف ڏيندڙ ڪم هو پر ڪم جو ثابت ٿيو ۽ گھڻي بيداري محسوس ٿي.

پر آخرڪار 36 هين ڪلاڪ تائين هو وڌيڪ برداشت نه ڪري سگھيو. هن جاڳڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻي ڪافي پيتي پر ڪجهه ڪلاڪن بعد کيس ننڊ اچي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.