اڊيالا جيل ۾ ايڊز جي مريض قيدي جو زيادتيءَ کان پوءِ قتل، 6 آفيسر معطل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا سينٽرل جيل راولپنڊي ۾ قيدي جي مبينا زيادتي بعد قتل جي معاملي تي اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سميت 6 سينيئر آفيسرن کي معطل ڪيو ويو.

مقتول قيدي ايڊز جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ ايڊز جا 9 ٻيا قيدي به هن سان گڏ قيد ۾ موجود هئا.

پنجاب جي جيل کاتي بابت آءِ جي ميان فاروق نذير واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي شروعات جاچ رپورٽ جي روشني ۾ 6 آفيسرن نائيٽ آفيسر، اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ، امدادي، نائيٽ آفيسر ، نائيٽ پيٽرولنگ آفيسر ۽ وارڊ انچارج کي معطل ڪيو ويو آهي.

پوليس قيديءَ جي قتل جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جيل انتظاميا به واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

واضح رهي ته اڊيالا جيل ۾ گذريل ڏينهن سيل 2 جي چڪي ۾ قيد جوابدار کي مبينا زيادتي بعد ڦاهو ڏئي قتل ڪيو ويو هو ۽ ان جي ڪيس 4 ساٿي قيدين خلاف داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.