ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، ڀاڄ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي.

ملڪ جي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

ان کانسواءِ صوابي ، مالاڪنڊ، سوات، چترال ۽ گلگت بلتستان ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلو ماپيندڙ مرڪز جو چوڻ آهي ته زلزلي جا لوڏا منجهند ٻه لڳي 24 منٽن تي محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن ڊپ وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا .

زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت چار ڏهائي نوَ رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي اونهائي 137 ڪلوميٽر ۽ مرڪز افغانستان، تاجڪستان سرحد هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.