ڀارتي ماسترياڻي جون شاگرد سان غيراخلاقي تصويرون وائرل، معطل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ ماسترياڻي ڏهين درجي جي شاگرد سان فوٽو شوٽ ڪرايو جيڪو وائرل ٿيڻ بعد ماسترياڻي کي معطل ڪيو ويو آهي.

پشپا لٿا آر مرگاملا ڳوٺ جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ماسترياڻي آهي ۽ شاگرد سان سندس فوٽوشوٽ اسٽڊي ٽور دوران ٿيو آهي.

ماسترياڻي ۽ شاگرد جي فوٽوشوٽ جون تصويرون وائرل ٿي ويون جنهن بعد سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن.

ٽويٽر تي يوزر امت سنگهه تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اسان معاشري طور ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟

امت سنگهه لکيو ته سرڪاري اسڪول جي ماسترياڻي جو شاگرد سان رومانوي فوٽوشوٽ وائرل ٿي ويو آهي.

واهپيدار لکيو ته ڏهين درجي جي شاگرد جي والدين ايجوڪيشن آفيسر کي ماسترياڻي جي رويي خلاف جاچ جي شڪايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.