مردار بيڪٽيريا مان بجلي ٺاهڻ جو تجربو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئزرلينڊ جي شهر لوزان ۾ قائم فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي سان واسطو رکندڙ ماهرن گذريل سال مردار اي ڪولي بيڪٽيريا مان بجلي ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو.

سائنسدانن جي ٽيم ايڪسٽرا سيلولر اليڪٽرون ٽرانسفر طريقيڪار استعمال ڪندي بيڪٽيريا ۾ ردوبدل ڪئي ته جيئن انهن کي اثرائتو برقي مائيڪروب بڻائي سگهجي.

اهو عمل روايتي طريقيڪار جي ڀيٽ ۾ برقي ڪرنٽ جي پيداوار ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪري ٿو. جيتوڻيڪ قدرتي طور تي بجلي پيدا ڪندڙ هي غير معمولي مائيڪروب اهڙو رڳو مخصوص ڪيميا جي موجودگي ۾ ڪري سگهي ٿو.

اي ڪولي ڪيترين ئي جاين تي وڌي سگهن ٿا جنهن جو مطلب آهي ته مختلف ماحول، مثال طور گندي پاڻي ۾ بجلي ٺاهي سگهجي ٿ.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.