آسٽريليا خلاف سڊني ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان، پليئنگ اليون ۾ ڦيرڦار

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) ٽيم مئنيجمينٽ آسٽريليا خلاف سڊني ٽيسٽ لاءِ  پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سڊني ٽيسٽ ۾ امام الحق کي ڊراپ ڪيو ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي اوپنر صائم ايوب ٽيسٽ ڊيبيو ڪندو.

سڊني ٽيسٽ لاءِ پليئنگ ايلون ۾ ڪپتان شان مسعود، صائم ايوب، عبدالله شفيق، بابر اعظم، سعود شڪيل، محمد رضوان، سلمان علي آغا، ساجد خان، حسن علي، مير حمزا ۽ عامر جمال کي شامل ڪيو ويو آهي.

ان کانسواءِ سڊني ٽيسٽ لاءِ شاهين آفريدي کي پليئنگ اليون جو حصو ناهي بڻايو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهين آفريدي تان ورڪ لوڊ گهٽائڻ لاءِ کيس آرام ڏنو ويو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچ جي سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي ٻه ٻڙي جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.