نوبيل انعام ماڻيندڙ بنگلاديشي معاشي ماهر محمد يونس کي 6 مهينا قيد جي سزا

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) نوبيل انعام ماڻيندڙ بنگلاديش جي معاشي ماهر پروفيسر محمد يونس کي ڇهه مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

83 ورهين جي مشهور بئنڪار محمد يونس کي ليبر قانونن جي ڀڃڪڙي جي الزام۾ سزا ٻڌائي وئي آهي، مٿس الزام آهي ته هو پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جوڙڻ ۾ ناڪام رهيو، محمد يونس ۽ سندس ٽنهي ساٿين تي پنجويهه هزار ٽڪا جو ڏنڊ پڻ مڙهيو ويو آهي.

محمد يونس ۽ سندس ساٿين ضمانت جي درخواست داخل ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي آهي، عدالت ڏوهارين کي پنج هزار ٽڪا جي عيوض هڪ مهيني جي ضمانت ڏئي ڇڏي.

ٻئي پاسي سزا خلاف محمد يونس هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وڪيلن جو چوڻ آهي ته محمد يونس ليبر قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ مبينا ڪرپشن جي سئو کان وڌيڪ ٻين الزام کي منهن ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.