هٿرادو سج ڪيتري طاقت رکي ٿو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالاجي جي ترقي ايستائين پ هچي وئي آهي جو سائنسدان هٿرادو سج تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ ان کي وڌيڪ طاقت به ڏني وئي آهي.

هي هٿرادو سج ايترو طاقتور آهي جو هن کي ڪافي دير تائين ٻاري سگهجي ٿو.

ڏکڻ ڪوريا جي سپر ڪنڊڪٽنگ فيوزن ڊيوائيس ڪي اسٽار جنهن کي هٿرادو سج به چيو ويندو آهي، ان کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ڏکڻ ڪوريا جي انسٽيٽيوٽ آف فيوزن انرجي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سپر ڪنڊڪٽنگ فيوزن ڊوائيس سان هڪ نئون ٽنگسٽن ڊائورٽر لڳايو ويو جنهن سان هاڻي اهو 30 سيڪنڊن تائين ملين ڊگري سيلسيس کان وڌي گرمي پد تي ڪم ڪندو.

ڪي اسٽار انسٽيٽيوٽ جي صدر ڊاڪٽر سڪ جائي يو جو چوڻ هو ته هي نئين صلاحيت جوهري فيوزن جي توانائي کي واپاري مقصدن ۾ استعمال ڪرڻ ۾ ڪم ايندي.

اداري جو اهو به چوڻ آهي ته اسان آءِ ٽي اي آر سان جوهري فيوزن توانائي جي ترقي کي تيز ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي قيادت ڪري رهيا آهيون.

ياد رهي ته آءِ ٽي اي آر ڏکڻ فرانس ۾ وڏي مقناطيسي فيوزن جي ري ايڪتر جي تعمير جو منصوبو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.