فوج ۽ ملڪ اسان جو آهي، اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن سان ڪو جيهڙو ناهي: پي ٽي آءِ چيئرمين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته جيڪڏهن بيٽ کانسواءِ ٻيو نشان مليو ته وٺنداسين پر چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪنداسين جڏهن ته فوج اسان جي آهي ۽ پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن سان ڪو تڪرار ناهي.
صحافين سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻول ڪندي بئرسٽر گوهر خان چيو ته پي ٽي آءِ کي پارٽي طور مائنس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پشاور هاءِ ڪورٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر جاري نه ٿيو، اليڪشن ڪميشن ذريعي پي ٽي آءِ کي پوئتي ڌِڪيو پيو وڃي.
هن چيوته عدليا پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته مسئلن جو حل ممڪن آهي، عدالت کي هاڻي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جو مطالبو اليڪشن ڪميشن ۽ عدليا کان آهي، چيف جسٽس قاضي فائز اعسييٰ کي هاڻ ان معاملي تي مداخلت ڪرڻي پوندي، سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس انهن معاملن جو نوٽيس وٺن.
بئرسٽر گوهر چيو ته پلان بي ۽ سي اسان وٽ آهي جنهن ذريعي پارليامينٽ تائين وينداسين، جيڪڏهن بيٽ کانسواءِ ڪو ٻيو نشان مليو ته وٺنداسين پر بائيڪاٽ نه ڪنداسين.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ نان پارٽي بيسڊ اليڪشن کان روڪيو آهي، اليڪشن وارو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ شفاف چونڊون ڪرائيندي.
پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته فوج، اسان جي آهي، ملڪ اسان جو آهي، ڪنهن سان ڪو جهيڙو ناهي، پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن سان به تڪرار ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.