موٽر سائيڪل ۽ گاڏي هلائيندڙ هوشيار! ڳرن ڏنڊن جي نئين فهرست جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس پهرين جنوري 2024 کان سمورن قومي شاهراهن تي سفر دوران ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ گاڏين تي بنا فرق ڳرو ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس طرفان ڏنڊ جي نئين فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب رفتار جي حد جي ڀڃڪڙي تي موٽر سائيڪل تي 1500 رپيا، ڪار تي 2500 رپيا، ايڇ ٽي وي تي 5000 رپيا ۽ مسافر بردار گاڏي تي 10 هزار رپيا ڏنڊ هوندو.
اهڙي ريت سامان جي اوور لوڊنگ ڪرڻ تي واڌو ڏنڊ 5 هزار رپيا ۽ مسافر بردار گاڏي ۾ گنجائش کان وڌيڪ مسافر ويهارڻ تي 10 هزار رپيا ڏنڊ هوندو.
رات جو لائسنس بنا گاڏي هلائڻ تي واڌو ڏنڊ 5 هزار رپيا هوندو، پابندي پيل هنڌ تي اوور ٽيڪنگ ڪرڻ تي ڪار، موٽر سائيڪل اور ۽ ايل ٽي وي تي 1500 رپيا، جڏهن ته مسافر بردار گاڏي ۽ ايڇ ٽي وي تي 3000 رپيا ڏنڊ هوندو.
مخالف پاسي ۾ گاڏي هلائڻ تي ڏنڊ 2500 رپيا هوندو، ٽريفڪ سگنل جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ هڪ هزار کان 5 هزار ارپين تائين هوندو.
گاڏي کي رستو نه ڏيڻ تي ڏنڊ هڪ هزار رپيا، سامان کي خطرناڪ انداز ۾ لوڊ ڪرڻ تي واڌو ڏنڊ ڏهه هزار، ايمرجنسي گاڏي جي رستي ۾ خلل تي ڏنڊ 5 هزار رپيا هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.