اسان غنڊا گردي ۽ بدمعاشي جو خاتمو ڪيو، ٻيهر نه ٿيڻ ڏينداسين: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته اسان گارگند جي سياست جي مذمت ڪيون ٿا.
پنهنجي تڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته هي هڪ جڏهن ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ جو ڳڙهه هو، تڏهن به هتان کٽيو هو.
هن چيو ته تڪ ۾ 5 لک ماڻهو آهن، ڪو هڪ وٺي چئو جيڪو چئي ته مان ان سان بدتميزي ڪئي هجي، اسان پنهنجي تڪ وارن کي پنهنجي گهر جي فرد جيان سمجهيو آهي، جيڪا بدمعاشي ۽ غنڊا گردي اسان هتي ختم ڪئي آهي، اها ٻيهر اچڻ نه ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته مان دعويٰ ڪري سگهان ٿو ته هن تڪ جا 80 سيڪڙو مسئلا حل ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.