سال 2023ع ۾ ماڻهن گوگل تي ڪهڙا کاڌا ۽ شربت سرچ ڪيا؟

جتي هڪ پاسي نئون سال اچي رهيو آهي ته اتي ڇو نه هڪ نظر سال 2023ع ۾ ٿيل گوگل جي دلچسپ ۽ يادگار لمحن تي نظر وڌي وڃي.
2023ع ۾ ٽاپ ٽرينڊ سرچز سان پاڪستان ناظرين جون مختلف دلچسپيون ۽ تبديل ٿيندڙ ذوق ظاهر ٿئي ٿو جن ۾ تفريح ۽ ڪرڪيٽ جي شوق کان وٺي خبرن جي زينت بڻجندڙ ڪهاڻيون ۽ واقعا شامل آهن.
2023ع جي ٽاپ ٽرينڊ سرچز ۾ پاڪستانين کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ مختلف رجحانن جي هڪ دلڪش جهلڪي پيش ڪريون ٿا اچو ته اسان هن سال جي لسٽ ۾ شامل ٿيندڙ سرچز تي هڪ تفصيلي نظر وجهون ٿا.
پڪوان جي ڳولا:
کاڌو پچائڻ جي ٽاپ 10 ٽرينڊنگ سرچز ۾ مختلف کاڌن جون ترڪيبون، ٽيڪنيڪس ۽ روايتن جي ڳولا نظر اچي ٿي.
لسٽ جا شروعات ٽي درجا ننڍي کنڊ جي سڀ کان مشهور سوغات سموسا، مزيدار جيرا ۽ تهوارن بابت مٺو پڪوان شير خُرما (کير وارين سئين) حاصل ڪيا.
پاڪستان ۾ گوشت جي شوقين ماڻهن نمڪين گوشٽ کي ان لسٽ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي.
ڪيچپ ٺاهڻ جي گھريلو ترڪيب به انهن سرچز ۾ شامل هئي.
لذيذ ۽ سولا تيار ٿيندڙ سنيڪس ۾ چڪن رول جي ترڪيب به ان لسٽ ۾ شامل آهي.
2023ع ۾ سرچ ڪيل شربت
هن سال انٽرنيٽ تي هنداڻي جو جوس ٺاهڻ جي ترڪيب کي گھڻو سرچ ڪيو ويو جنهن ساڙيندڙ گرمي ۾ ماڻهن جي مدد ڪئي.
باربي ڪيو آئٽمز
ڪلاسڪ اسٽيڪ (Steak) جي ترڪيب ۽ جڳ مشهور تڪه ٻوٽي جي شموليت باربي ڪيو ۽ گوشت مان ٺهيل پڪوانن سان پاڪستان جي وابستگي کي ظاهر ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.