اداڪار پنهنجي ئي زال سان ٻي شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رونت بوس راءِ زال کي خوش ڪرڻ لاءِ 20 سالن کانپوءِ جوان ٻارن سامهون ساڻس ٻي شادي ڪري ڇڏي.

اداڪار زال نيلم سنگهه سان 2003 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ هاڻي شادي جي ويهين سالگرهه تي ٻنهي پنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ ٻيهر شادي ڪري ورتي آهي.

اداڪار زال سان ٻيهر شادي ڪرڻ ۽ شادي جون رسمون ادا ڪرڻ جون وديوز به انسٽاگرام تي شيئر ڪيون جنهن تي مداحن ۽ اداڪارن کيس پنهنجي ئي زال سان ٻي سادي ڪرڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون.

اداڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته هن پنهنجي زال سان ٻيهر شادي ڪئي آهي جنهن تي هو خوش آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Ronit Roy (@ronitboseroy)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.