”16 مهينن جي حڪومت نه وٺون ها ته ملڪ تي جيڪي اثر پون ها، انهن جو ڪير سوچي به نٿو سگهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته ماڻهو چوندا آهن 16 مهينن جي حڪومت نه وٺڻ گهرجي ها پر جيڪڏهن اسان ذميواري نه کڻون ها ته پاڪستان تي جيڪي اثر پون ها، انهن جو ڪير سوچي به نٿو سگهي.
ن ليگ جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته توهان منهنجي گهڻي مدد ڪئي آهي، هر قسم سان هٿ مضبوط ڪيا، توهان سڳي ڀائرن وارو پيار ڏنو، ورتاءُ ڪيو.
هن چيو ته شهباز شريف هر لحاظ سان مون سان قدم وڌايو، رات ڏينهن محنت ڪري توهان پراجيڪيٽ مڪمل ڪرايا، توهان جي هڪ ئي خدمت تمام وڏي خدمت آهي، ان جو ڪو متبادل ناهي، توهان ڏکين حالتن جو وڏي صبر ۽ همت سان مقابلو ڪيو.
سندس چوڻ هو ڪيترائي ماڻهو چوندا آهن ته اسان کي 16 مهينن جي حڪومت نه وٺڻ گهرجي ها پر حڪومت نه وٺون ها پاڪستان تي جيڪي اثر پون ها، انهن جو ڪنهن کي گمان به نه هجي ها، اسان سڀ گڏجي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.