ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو 47 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، ڇرڪائيندڙ رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جو 47 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، وفاقي شماريات کاتي موجب پاڪستان ۾ گذريل ٻه مهينا مهانگائي 31 سيڪڙو رهي جيڪا آگسٽ ۾ 27 سيڪڙو هئي، جڏهن ته مهانگائيءَ سالياني بنياد تي 38.4 سيڪڙو ٿي وئي.
شماريات کاتي موجب کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 50 کان 70 سيڪڙو اضافو سالياني بنياد تي ٿي رهيو آهي، ۽ اهو اضافو ماهوار بنياد تي ٿي رهيو آهي، ماهرن اهو خدشو به ظاهر ڪيو آهي ته ايندڙ مهينن ۾ مهانگائي اڃا وڌيڪ وڌندي. پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي اگھن ۾ اضافي ۽ آءِ ايم ايف جي مطالبي تي ٽيڪسز ۾ اضافي سان مهانگائيءَ جو طوفان ايندو.
پاڪستان ۾ لاڳيتو وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ سبب ماڻهو خاندانن سميت آپگهات ڪري رهيا آهن.
عالمي بئنڪ موجب سڄي دنيا ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي وڌندڙ قيمتن اربين ماڻهن کي وڌيڪ غربت ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ به ان مهانگائيءَ، غذائي بحران، حڪومتي نااهلي، ڪرپشن ۽ اشرافيا جي عياشين ڪيترن ئي ماڻهن ماڻهن کان دلي خوشيون ۽ سندن مرڪ کسي بک ۽ افلاس جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري عوام ۾ مايوسي ۽ آپگهات جهڙا عمل پيدا ٿي رهيا آهن.
برطانيا جي رسالي فنانشل ٽائيمز پنهنجي رسالي ۾ پاڪستان جي ڏيوالي ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جيڪڏهن هاڪاري قدم نه کنيا ويا ته سريلنڪا کان خراب صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو. پاڪستان گڏيل طور تي 600 کرب رپين جو قرضي آهي، ۽ انهن قرضن جي ري شيڊولنگ ۾ شامل شرط مهانگائي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.