بابر کان ڪوهلي ڀلو، پاڪستان بدران آسٽريليا جي ڪوچنگ کي ترجيح ڏيندس: وسيم اڪرم

سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ بدران آسٽريلين ٽيم کي ترجيح ڏيندس.
اهو تبصرو تازو هن انڊين اسپورٽس ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو، هو ڀارتي صحافي کي مختلف سوالن جو جواب ڏئي رهيو هو.
هڪ سوال جي جواب ۾ وسيم اڪرم چيو ته جيڪڏهن موقعو مليو ته پاڪستان بدران آسٽريليا جي ڪوچنگ کي ترجيح ڏيندس.
اڳوڻي فاسٽ بالر وضاحت ڏيندي چيو ته آسٽريليا جي ڪوچنگ فيملي سبب نه پر گهٽ پريشر سبب ڪندس ته جيئن پنهنجون ذميواريون سٺي طريقي سان نڀائي سگهان.
آءِ پي ايل ۽ پي ايس ايل مان ڪنهن هڪ ليگ جي چونڊ ڪرڻ بابت سوال تي هن چيو ته مان ٻنهي ليگن ۾ ڪم ڪيو آهي، ٻنهي جي هڪٻئي سان ڪا ڀيٽ ناهي.
سندس چوڻ هو ته آءِ پي ايل تمام وڏي ليگ آهي پر ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان سپر ليگ پاڪستان ۾ تمام وڏي ليگ آهي، اها پاڪستان جي مني آءِ پي ايل آهي.
بابر اعظم ۽ ويرات ڪوهلي مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ بابت سوال تي وسيم اڪرم ڀارتي بيٽر جي چونڊ ڪئي.
هن چيو ته بابر اعظم صحيح ٽريڪ تي هلي رهيو آهي پر ويرات ڪوهلي پنهنجو نالو تاريخ جي سونهري اکرن ۾ لکرائي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.