ڪراچي (ويب ڊيسڪ) واپار واري نگران وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته اسٽيل ملز جي 1500 ايڪڙ زمين انڊسٽريل پارڪ لاءِ مختص ڪئي وئي ۽ ان جي ترقي سي پيڪ تحت چيني اختيارين حوالي ڪئي وئي.
سرڪاري پڌرائيءَ موجب سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ واپار واري وفاقي وزير گوهر اعجاز وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ وڌيڪ صنعتي پارڪ قائم ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وڏي وزير سان گفتگو ۾ گوهر اعجاز چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجا صنعتي يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ انهن کي چيني اختيارين حوالي ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.
وڏي وزير چيو ته صنعتڪاري ئي معيشت کي ترقي ڏيڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو واحد حل آهي ۽ يقينن ان سان خوشحالي ۽ ترقي جا نوان دڳ کلندا آهن.
You might also like