گوگڙن جا جيري، هڏن سميت جسم لاءِ جادوئي فائدا

قدرت تقريبن هر موسمي ميوي ۽ ڀاڄي ۾ ضروري غذائي جُز لڪائي رکيا آهن. اهي غذائي جُز انساني صحتلاءِ اهم هوندا آهن.

سياري جي موسم ۾ گوگڙو مشهور ڀاڄي آهي جيڪا سڀني کي پسند هجي ٿي. قدرتي نه رڳو گوگڙوپر ان جي پنن ۾ به غذائيت رکي آهي.

سياري ۾ گوگڙو جو استعمال انساني جسم کي هي فائدا پهچائي ٿو.

اينٽي ڪينسر خاصيتون

گوگڙو وٽامن سي ۽ گلوڪوسينوليٽ سان ڀرپور هوندا آهن. اهي ٻئي جُز انساني جسم ۾ ڪينسر جي خلين جي واڌ ويجهه کي روڪڻ ۾ مدد ڪندا آهن.

بلڊ شگر ڪنٽرول

پنهنجي خوراڪ ۾ گوگڙو شامل ڪرڻ سان رت ۾ شگر جي سطح کي گھٽ ڪرڻ ۽ انسولين جي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

جيري جي صحت

گوگڙو ۾ موجود انٿوڪائنين ۽ سلفر مرڪب جيري جي زهريلن مادن کي گھٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

وزن ۾ گھٽتائي

جيتوڻيڪ گوگڙو ۾ ڪيلوريز ۽ گلائسيمڪ انڊيڪس گھٽ هوندا آهن تنهنڪري انهن پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻائڻ وزن کي برقرار رکڻ ۽ گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو.

هڏن جي صحت

گوگڙو ۾ موجود وٽامن هڏن لاءِ اهم آهي. گوگڙ کائڻ سان هڏن جي صحت تي هاڪاري اثر پون ٿا.

آئرن جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا

آئرن انساني صحت لاءِ غذا جو اهم حصو آهي ۽ باقاعدگي سان گوگڙن جو استعمال جسم ۾ آئرن جذب ڪرڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.