عام چونڊون: اليڪشن ڪميشن ميڊيا لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن دوران قومي ميڊيا لاءِ 17 نڪاتي ضابطا جاري ڪري ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن جي ضابطن موجب پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڪلاڪ تائين ميڊيا تي نتيجا جاري نه ڪيا ويندا، نتيجا جاري ڪرڻ وقت اهو ٻڌايو وڃي ته اهي غير سرڪاري، اڻپورا آهن، جن کي آر او جي اعلان تائين حتمي نه سمجهيو وڃي.
اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب قومي ميڊيا ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز شامل آهن.
ضابطن ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ مهم دوران قومي ميڊيا ملڪي نظرين، خود مختياري ۽ سيڪيورٽي خلاف تعصب تي ٻڌل راءِ جي عڪاسي نه ڪندي، اهڙا بيان به نه هلايا ويندا، جن سان قومي اتحاد، امن امان جي صورتحال کي خطرو هجي.
اليڪشن ڪميشن جي ضابطن موجب ميڊيا تي هلائي ويندڙ خبرن ۾ اهڙو ڪو مواد شامل نه هوندو، جيڪو ڪنهن اميدوار، سياسي جماعت، مذهب، برادري ۽ صنف جي بنياد تي ذاتي حملو هجي، ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي، هڪ اميدوار جي ٻئي تي الزام تي ٻنهي پاسن کان بيان ۽ تصديق ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.