وٽامن ڊي جي کوٽ سان اکين جو نور متاثر ٿيڻ جو انڪشاف

وٽامن ڊي انساني صحت لاءِ اهم ترين جُز آهي، جسم ۾ انجي کوٽ صحت لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿي، پر هاڻي اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ان جي کوٽ سان اکين جي نور لاءِ به خطرا پيدا ڪري سگھي ٿي.
رپورٽ موجب تحقيقن مان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته وٽامن ڊي جي کوٽ سان جتي ٻيا مسئلا ٿي سگھن ٿا، اتي ئي اکين جي بيماري ميڪولر ڊجنريشن (macular degeneration) به ٿي سگھي ٿي.
ڄاڻايل بيماري جيتوڻيڪ وڏي عمر ۾ عام هوندي آهي، پر ان سان وٽامن ڊي جي کوٽ سبب اڌ عمر ۽ ايتري تائين جو نوجوانن به ان مان متاثر ٿي سگھن ٿا.
ان مسئلي دوران متاثر شخص جو ويزن يا نظر بلر ٿي ويندي آهي، ان سان شيون غير واضح يا ڌنڌليون نظر اينديون آهن ۽ ڄاڻايل مسئلو لاڳيتو رهڻ سان نظر به متاثر ٿي سگھي ٿي.
جيتوڻيڪ (macular degeneration) مختلف سببن جي ڪري ٿي سگھي ٿي ۽ ان جو ڪو علاج به نه آهي، پر وٽامن ڊي جي کوٽ به ان جو هڪ سبب آهي ۽ مختلف تحقيقن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ڇڪي آهي ته وٽامن ڊي جو سٺو مقدار ان بيماري کان بچائي سگھي ٿو.
ماهرن موجب جيتوڻيڪ وٽامن ڊي جو مناسب مقدار (macular degeneration) ٻين وٽامنز جن ۾ وٽامن اي، وٽامن اِي، زنڪ، وٽامن سي، ڪوپر ۽ ليوٽين جي کوٽ سان به ٿي سگھي ٿي، پر وٽامن ڊي جي کوٽ سان ان جا امڪان وڌيڪ آهن.
عام طور تي وٽامن ڊي کي انساني جسم سج جي روشنيءَ يا گرمائس مان حاصل ڪندو آهي پر ان جي باوجود جسم کي وٽامن ڊي جو گھربل مقدار نه ملي سگھندو آهي، ان ڪري صحت جا ماهر وٽامن ڊي سان ڀرپور ميوا ۽ ڀاڄيون کائڻ سميت وٽامن ڊي جا سپليمينٽس کائڻ جو مشورو به ڏيندا آهن.
وٽامن ڊي سان ڀرپور سپليمينٽس ۾ ايڪٽو وٽامن ڊي هوندي آهي جيڪا ان جي کوٽ کي فوري طور تي مڪمل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.