بئنڪن جو شڪايتون وڌي ويون، اسٽيڪ بئنڪ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بئنڪ واهپيدارن جون شڪايتون حل ڪرڻ لاءِ اسٽيڪ بئنڪ ”سنوائي“ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب بئنڪ واهپيدارن جو ڏکيائيون ختم ڪرڻ، بئنڪ جي ڪارڪردگي بهتر ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي.

”سنوائي“ ايپ تي بئنڪ واهپيدار روش ڊجيتل اڪائونٽ سميت بئنڪ جي ڪنهن به سهولت تي پراڊڪٽ بابت شڪايت داخل ڪرائي سگھن ٿا.

”سنوائي“ ايپ تائين پهچ انٽرنيٽ ويب سان موبائيل فونز ذريعي به فراهم ڪئي وئي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ”سنوائي“ ايپ سان بئنڪ واهپيدارن جو اعتماد مضبوط ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.