نگران حڪومت جي نگرانيءَ ۾ خوف جو نظام هلي رهيو آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي چيئرمين گوهر علي خان جي اليڪشن وڙهڻ جي معاملي ۾ مخالفت سان حڪومت جي غيرجانبداري تي سوال اٿي ٿو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان ۽ ٻين وڪيلن جي عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ واري درخواست منظور ڪندي گوهر خان کي عمران خان سان مشاورت جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالت چيو ته چونڊن لاءِ مشاورت جي اجازت بنيادي حق آهي، چونڊن ۾ نگران حڪومت کي اڻڌريو هجڻ گھرجي، پي ٽي آءِ جي باني ۽ چيئرمين جي مشاورت ۾ مخالفت سان حڪومت جي غيرجانبداري تي سوال اٿي ٿو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ اڊيالا جيل جو سپرنٽينڊنٽ عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف جي 700 ٽڪيٽن جي ورڇ لاءِ مشاورت گھربل آهي.
عدالت اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل جي درخواست ٻڌني جوڳي هجڻ جي مخالفت تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ کان آيل واڌو نوٽ اوهان لاءِ ڪافي نه هو؟
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ کان پوءِ ڇا مون کان به پنهنجي خلاف نوٽ لکرائڻ چاهيو ٿا؟ ايڊووڪيٽ جنرل ۽ اٽارني جنرل آفيس نگران حڪومت جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ اٽارني جنرل آفيس حڪومت جي نمائندگي ڪري رهيون آهن، ٻنهي کي اڻ ڌريو هجڻ گھرجي.
جج رمارڪس ڏنا ته نگران حڪومت جي نگراني ۾ خوف جو نظام هلي رهيو آهي جو چونڊ مشاورت جي به اجازت نه آهي، ڇا نگران حڪومت چونڊون ڊي ريل ڪرڻ چاهي ٿي؟
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته ٽڪيٽن تي پي ٽي آءِ جي باني ۽ چيئرمين جي مشاورت بنيادي حق آهي، عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ جي نگران ۾ گوهر خان ۽ عمران خان جي ملاقات جي اجازت ڏئي درخواست اُڪلائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.