سج ۽ چنڊ کي ڪيترا ڀيرا گرهڻ لڳندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2024 جو پهريون سج گرهڻ 8 اپريل تي لڳندو.

هي مڪمل سج گرهڻ ڏکڻ بحر الڪاهل کان شروع ٿي اتر آمريڪا تائين پکڙجندو ۽ آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا مان گذرندو.

هي ڪيريبيئن ٻيٽ وارن ملڪن جيئن ڪيوبا، ڪوسٽا ريڪا، ڪيمين، جزائر، ڊومينيڪا، فرانسيسي پولينيشيا، جميڪا ۽ ٻين جاين تي ڏٺو ويندو.

سج گرهڻ جي شروعات پاڪستاني وقت موجب 3 لڳي 12 منٽن تي ۽ پڄاڻي شام 4 لڳي 6 منٽن تي ٿيندي.

سال 2024 ۾ 2 آڪٽوبر تي به سرج گرهڻ لڳندو.

هي مڪمل سج گرهڻ ڏکڻ آمريڪا ۾ نظر ايندو جڏهن ته ڏکڻ آمريڪا، بحر الڪاهل، اوقيانوس سمنڊ ۽ اتر آمريڪا ۾ سج گرهڻ لڳندو.

هي 3 وڳي شروع ٿي 4 وڳي ختم ٿيندو.

سال 2024 جو ٽيون سج گرهڻ 14 آڪٽوبر تي ٿيندو جنهن جا اثر سڀني سيارن تي پوندا.

سال جو پهريون چنڊ گرهڻ 25 مارچ تي ڏسڻ ۾ ايندو.

هي چنڊ گرهڻ يورپ، آسٽريليا، آفريقا، اتر اوڀر ايشيا، اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۽ انٽارڪٽيڪا ۾ نظر ايندو.

پاڪستاني وقت موجب هن جي شروعات 4 لڳي 23 منٽن تي ٿيندي، صبح 6 لڳي 42 منٽن تي هي عروج تي هوندو جڏهن ته 9 لڳي 2 منٽن تي چنڊ گرهڻ پنهنجي پيڄاڻي تي پهچندو.

نئين سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ ٻيو چنڊ گرهڻ 18 سيپٽمبر تي ٿيندو.

هي جزوي چنڊ گرهڻ يورپ، ايشيا، آسٽريليا، آفريقا، اتر اللهه اتر آمريڪا، آرڪٽڪ ۽ انٽارڪٽيڪا ۾ نظر ايندو.

هي 3 لڳي 8 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ 4 لڳي 6 منٽن تي جزوي طور ڏسڻ ۾ ايندو، شام 5 لڳي 43 منٽن تي مڪمل چنڊ گرهڻ هوندو.

چنڊ گرهڻ رات 8 لڳي 57 منٽن تي ختم ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.