پاسورڊ چورائيندڙ وائرس موبائيل فون استعمال ڪندڙن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون

موبائيل فونز ۾ داخل ٿي خرابيو پيدا ڪندڙ ميلويئرز (وائرس) تي نظر رکندڙن هڪ اهڙي ميلويئر جو پتو لڳايو آهي جيڪو اينڊرائيڊ فونز استعمال ڪندڙن جا پاسورڊ چورائي انهن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي.
ميلوئيرز تي نظر رکندڙ ماهرن جي اداري ٿريٽ فيبرڪ ٻڌايو آهي ته ڪيميلين ٽروجن جي نئين ورجن سڄي دنيا جي اينڊرائيڊ فون استعمال ڪندڙن گھڻن واهپيدارن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي.
ڪيميلين ٽروجن ميلويئر اينڊرائيڊ فون استعمال ڪندرن جا پاسورڊ چورائڻ لاءِ فنگر پرنٽس ۽ فيس ان لاڪ جهڙن بايوميٽرڪ آٿينٽيڪيشن ميٿڊ کي غير فعال بڻائي ڇڏي ٿو. ڪيميلين ٽروجن جو اهو نئون ورجن هلندڙ سالجي شروع کان ئي دنيا ۾ اينڊرائيڊ سيل فونز کي نشانو بڻائيندو آيو آهي.
ٿريٽ فيبرڪ اينڊرائڊ فون استعمال ڪندڙن کي خبردار ڪيو آهي ته ڪيميلين ٽروجن ميلويئر پنهنجو پاڻ کي گوگل اينڊرائيڊ ايپ جي طور تي پيش ڪندو رهندو آهي جڏهن ته بيڪ گرائونڊ ۾ ان جو ڪوڊ هلندو رهندو آهي. ان جي نتيجي ۾ سيل فون جي اندر خرابيون پيدا ٿينديون آهن ۽ ڪجهه فنڪشنز بيهجي ويندا آهن.
هڪ ٻئي اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي ميلويئر پنهنجي سڃاڻپ لڪائيندا اهن گوگل پروٽيڪٽ الرٽ ۽ ڊوائيس جي ٻين سيڪيورٽي فيچرز کي باءِ پاس ڪرڻ جي به صلاحيت رکن ٿا.
گوگل 12 ۽ ان جي پٺين ورجن جي ذريعي ڪم ڪندڙ سيل فونز تائين اهو ميلويئر پنهنجي پهچ سولي بڻائيندو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.