تائيوان (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کَلَ جي بيمارين جي علاج لاءِ گھڻيون دوائون استعمال هڏن جي بيماريءَ جا خطرا وڌائي ڇڏي ٿو.
تائيوان جي نيشنل يونيورسٽي اسپتال ۾ ڪيل ويندڙ تحقيق ۾ 8000 مريضن جي ميڊيڪل رڪارڊ جو مطالعو ڪيو ويو.
تحقيق ۾ محققن کي خبر پئي ته اهي ماڻهو جن ڪارٽيڪوسٽيرائيڊز (رت جي شريانين جي سُسَڻ ۽ سوڄ گھٽائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪريمون ۽ ملم) استعمال ڪئي هئي انهن لاءِ ايندڙ پنجن سالن ۾ آسٽيوپوروسس ۾ مبتلا ٿيڻ هڏا فريڪچر ٿيڻ جا خطرا وڌيڪ هئا.
اُهي ماڻهو جن گھڻي مقدار ۾ دوائون استعمال ڪيون هيون انهن جي ان ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان 34 سيڪڙو وڌيڪ ته هئا پر اُهي ماڻهو جن گھٽ مقدار ۾ دوا جو استعمال ڪيو انهن ۾ ان ڪيفيت جا خطرا 22 سيڪڙو وڌيڪ هئا.
تحقيق ۾ عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ ان مسئلي وڌيڪ هدف هيون.
انتهائي اٽرائتو ۽ محفوظ هجڻ سان گڏ ڪورٽيڪوسٽيرائيڊز کي ٿوري وقت جي استعمال لاءِ بڻايو ويندو آهي ڇو جو غلط استعمال ڪرڻ تي سنجيدهه نوعيت جي مسئلن جو سبب ٿي سگھن ٿيون. اهو دوائون جسم جي ڪيلشيئم ۽ وٽامن ڊي استعمال ڪرڻ جي طريقي کي تبديل ڪري هڏن جي بيماري ۽ ڪمزوري جو سبب بڻجي سگھن ٿيون.
تحقيق جي ليکڪ چيا-يو چو موجب کَلَ جي بيمارين جي علاج لاءِ ٽوپيڪل ڪورٽيڪوسٽيرائيڊز جو استعمال گھڻي احتياط سان ڪرڻ گھرجي ۽ ڊاڪٽرن کي ان جي امڪاني نقصانن جي خبر هجڻ گھرجي.
Next Post
You might also like