پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ واپڊا آفيسرن لاءِ مفت بجلي يونٽن جي خاتمي جو وفاقي حڪومت جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پيسڪو آفيسرن جي مفت بجلي يونٽن جي خاتمي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ واپڊا آفيسرن لاءِ مفت بجلي يونٽن جي خاتمي جو فيصلو معطل ڪيو ويو.
عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو، وفاقي حڪومت ۽ واپڊا کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پيسڪو آفيسرن مفت بجلي فراهمي لاءِ درخواست داخل ڪئي، 5 ڊسمبر جي هڪ پڌرائيءَ ذريعي سهولت ختم ڪئي وئي، نگران حڪومت وٽ اهو اختيار ناهي.
You might also like