مير حمزا ٽريوس هيڊ کي ڪيئن آئوٽ ڪيو؟ پاڻ ٻڌائي ڇڏيائين

ميبلورن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر مير حمزا چيو آهي ته ميبلورن جي پچ فاسٽ بالرن کي مدد ڏئي رهي آهي، ميچ کٽيون ته اسان لاءِ اهو يادگار لمحو هوندو.
ٻي اننگز ۾ ٻن بالن تي ٻه شڪار ڪندڙ مير حمزا چيو ته ميچ ۾ 16 وڪيٽون وٺي چڪا آهيون، ڪوشش هوندي ته وڌيڪ 4 وڪيٽون به وٺون، سڀاڻي پهرئين سيشن ۾ جلد وڪيٽون وٺي آسٽريليا کي گهٽ اسڪور تي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
هن چيو ته ٽريوس هيڊ کي آئوٽ ڪرڻ سٺو لڳو، هو آئوٽ سوئنگ جو سوچي رهيو هو، مان ان سوئنگ سان کيس آئوٽ ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه فاسٽ بالر سيم سان ۽ ڪجهه رفتار سان سوئنگ ڪندا آهن، ڏسڻو اهو پوندو آهي ته بيٽر کي ڪهڙو بالر پريشان ڪري رهيو آهي.
مير حمزا چيو ته عبدالله شفيق کان ڪيچ ڊراپ ٿيو پر اهو راند جو حصو آهي، ملڪ لاءِ کيڏڻ اعزاز جي ڳالهه هوندي آهي، آسٽريليا ۾ آسٽريليا خلاف کيڏڻ خواب هو، اهو يادگار هوندو ته اسان ميچ کٽيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.